اسلم راهي

اسلم راهي

اسلم راهي

اسلم راهي: اسلم راهي عرف اسلم شيخ، 13 نومبر 1971ع تي ڳوٺ وليد شيخ دڙي تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. سندس تعليم ايم.اي آهي. تعليم سان گڏ فن موسيقيءَ سان به وابسته آهي. موسيقيءَ ۾ سندس استاد خادم حسين سخيراڻي ۽ منظور سخيراڻي آهن. اسلم راهي سوين محفلن ۾ ڳائي چڪو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن کان سواءِ لاهور ۽ ميان چنون ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري آيو آهي. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي به ڳايو آهي. زاهد ملڪ معرفت ڪوثر ٻرڙي جي ڪوشش سان ريڊيو تي پهتو ۽ ٽيليويزن تي اطهر منگيءَ جي تعاون سان اعجاز عليم عقيليءَ جي پروگرام ’پرک‘ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس گائڪيءَ تي مبني ڇهن کان وڌيڪ ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن.


لفظ اسلم راهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو